ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي  پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين واري مدي ۾ واڌ بابت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ويٽنگ اميدوار 30 جون 2025ع تائين ڀرتين لاءِ اهل هوندا، ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي ميرٽ هيٺ ڀرتي ڪيو ويندو. واضح رهي ته 28 فيبروري 2025ع تي پي ايس ٽيز ۽ جي اي ايس ٽيز جي ڀرتين وارو مدو ختم ٿيو هو، جنهن بعد وزير تعليم پاران ڀرتين واري مدي ۾ 4 مهينن جي واڌ جو اعلان ڪيو ويو هو.