اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) قومي راندين جي واڌاري لاءِ هڪ وڏو قدم کنيو آهي، رانديگرن ۾ 8.2 ملين رپين جا نقد انعام ۽ فيڊريشنز ۾ 63.9 ملين رپين جا خاص ۽ سالياني گرانٽ ورهايا ويا آهن. اربع تي پاڪستان اسپورٽس بورڊ پاران منعقد ڪيل هڪ شاندار تقريب ۾ انهن قومي هيروز کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو جن بين الاقوامي مقابلن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري پاڪستان جو سر فخر سان بلند ڪيو آهي. وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطا بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله خان وفاقي سيڪريٽري محي الدين واني ۽ ڊي جي پي ايس بي محمد ياسر پيرزاده سان گڏ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ 36 رانديگرن ۾ ڪل 8.2 ملين رپين جا نقد انعام ورهايا. احسن رمضان کي انڊر 21 سنوڪر چيمپيئن شپ ۾ ڪانسي جو تمغو کٽڻ تي 500,000 رپيا، محمد آصف کي سارڪ سنوڪر ۾ سون جو تمغو کٽڻ تي 500,000 رپيا ۽ محمد نسيم اختر کي ڪانسي جو تمغو کٽڻ تي 100,000 رپيا نقد انعام ڏنو ويو. ان کان علاوه ٻين رانديگرن کي به ڪيش ايوارڊ ڏنا ويا. چيڪ ورهائڻ واري تقريب دوران، مهمان خاص ايٿليٽڪس فيڊريشن آف پاڪستان کي 10 ملين رپين جي خاص گرانٽ، الپائن ڪلب آف پاڪستان کي 2.1 ملين رپين جي سالياني گرانٽ، پاڪستان بيڊمنٽن فيڊريشن کي 1.1 ملين رپين جي سالياني گرانٽ ۽ پاڪستان باڊي بلڊنگ فيڊريشن کي 2.5 ملين رپين جي سالياني گرانٽ ڏني. ساليانو ڪل 32.9 ملين رپيا فراهم ڪيا ويا ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ پاران 31 ملين رپين جي خاص گرانٽ پڻ فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي ارشد نديم کي جيولين ٿرو ۾ سون جو تمغو کٽڻ تي 20 لک رپيا ڏنا ويا ۽ ايٿليٽڪس فيڊريشن آف پاڪستان کي 10 ملين رپين جي خاص گرانٽ ڏني وئي.