راولپنڊي (اسپورٽس نيوز)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 لاءِ پلي آف ٽيمن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پي ايس ايل جي فرنچائزز لاهور قلندرز، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز، ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاپ فور ۾ پهچي ويون. رائونڊ ليگ جو آخري ميچ اڄ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته پهريون ميچ اربع تي کيڏيو ويندو. ٻئي طرف، پاڪستان-ڀارت جنگ بندي کان پوءِ ٻيهر شروع ٿيندڙ پي ايس ايل ميچن لاءِ عوام جو جوش وڌيڪ وڌي ويو آهي. گذريل رات جي ميچ لاءِ لاهور قلندرز جي دعوت تي قائم مقام آمريڪي سفير نيٽالي بيڪر پڻ اسٽيڊيم پهتي. لاهور قلندرز جي شرٽ پائي نيٽلي بيڪر ماحول مان لطف اندوز ٿي ۽ ميچ جي آخر تائين اسٽيڊيم ۾ رهي. بعد ۾ هن رانديگرن ۾ انعام پڻ ورهايا.