لاهور (اسپورٽس نيوز) ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سعود شڪيل کي پاڪستان سپر ليگ 10 ۾ ڪپتان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، قومي ٽيسٽ ٽيم جي نائب ڪپتان سعود شڪيل کي ٽيسٽ بيٽر سمجهيو ويندو آهي، 2023 ۾ اهو پاڪستان جي ون ڊي ٽيم ۾ شامل ٿي ورلڊ ڪپ کيڏڻ ڀارت ويو هو، پر پوءِ اهو ون ڊي پلان کان به ٻاهر ٿي ويو، ذريعن موجب ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سعود شڪيل کي پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪپتان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو اننگز اوپن به ڪندو، سرفراز احمد جي جڳهه تي گذريل سال رائيلي روسو کي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو ڪپتان بڻايو ويو هو پر انتظاميه هاڻي سعود شڪيل ۽ معين خان جي ڪامبينيشن سان 2025 جو سيزن کيڏڻ چاهي ٿي، گذريل سال جي تلخ تجربي بعد ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز آسٽريلوي ڪوچ شين واٽسن جو معاهدو هڪ سال اڳ ختم ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب شين واٽسن جي جڳهه تي سرفراز احمد گليڊيئيٽرز جو هيڊ ڪوچ هوندو، جڏهن ته معين خان کي ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ جي ذميداري ملڻ جو امڪان آهي، سرفراز احمد هن وقت چيمپئنز ڪپ جو مينٽور آهي پر معاهدي موجب اهو پي ايس ايل جي فرنچائز لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿو، سرفراز احمد هن وقت گهر ڀاتين سان گڏ انگلينڊ ۾ آهي، پي ايس ايل دوران کيس پي سي بي جي پگهار نه ملندي.