لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن جي دلچسپي وڌائڻ لاءِ انعامن جي برسات جو اعلان ڪيو ويو آهي. بورڊ پاران جاري ڪيل بيان موجب، پي ايس ايل 10 ۾ دلچسپي ۽ مداحن جي تعداد ۾ واڌ لاءِ هر ميچ ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ موٽرسائيڪلن کان علاوه قيمتي انعامن جو انتظار هوندو. هر پي ايس ايل 10 ميچ ۾، هڪ خوش قسمت ٽڪيٽ هولڊر کي انعام طور موٽرسائيڪل ڏني ويندي. شرڪت ڪندڙ گولوٽ لو ايپ ذريعي آن لائن ڊرا ۾ حصو وٺي سگهندا، جيڪو پلي اسٽور ۽ ايپل اسٽور ذريعي موبائل فون تي ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو. مداح گولٽ لو ايپ تي پنهنجي ڪرڪيٽ ميچ جي ٽڪيٽ جو QR ڪوڊ اسڪين ڪري ڊرا ۾ داخل ٿيندا. خوش قسمت فاتح جو اعلان ميچ جي اننگز جي وقفي دوران ڪيو ويندو. پي ايس ايل ايڪس ٽڪيٽون آن لائن حاصل ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو، جڏهن ته اهي ٽي سي ايس ايڪسپريس سينٽرن تي موجود آهن.