ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ايچ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جي 10هين ايڊيشن لاءِ پرڏيهي رانديگرن جي رجسٽريشن جو عمل شروع ٿي ويو آهي، ايچ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جي 10هين ايڊيشن لاءِ پرڏيهي رانديگرن جي رجسٽريشن ونڊو سان گڏوگڏ ٽريڊ ونڊو هاڻي کلي وئي آهي، رانديگرن جي ڪيٽيگري جي تجديد جو اعلان اڱاري 17 ڊسمبر تي ڪيو ويندو، رانديگرن جي ريليگيشن ۽ ريٽينشن جو عمل هلندڙ مهيني دوران ڪيو ويندو، پي ايس ايل پليئرز جو ڊرافٽ 11 جنوري 2025 تي ٿيڻو آهي، ڊرافٽ جي هنڌ ۽ وقت جو اعلان مقرر وقت تي ڪيو ويندو، ايچ بي ايل پي ايس ايل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير جو چوڻ آهي ته اسان پرڏيهي رانديگرن جي رجسٽريشن سان گڏوگڏ ٽريڊ ونڊو لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي کولڻ جو اعلان ڪندي تمام گهڻا خوش آهيون، اها ايچ بي ايل پاڪستان سپرل ليگ جي 10هين ايڊيشن جي تيارين جي هڪ دلچسپ شروعات آهي، چيگ ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير چيو ته پي ايس ايل هڪ اهڙو برانڊ آهي، جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي. 2016 ۾ پنهنجي قيام بعد کان پنهنجي فرنچائز مالڪن، تجارتي ڀائيوارن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي اسان هڪ ڊگهو ۽ ڪامياب سفر شروع ڪيو آهي، سندس چوڻ هيو ته تاريخي 10هون سيزن سڀني لاءِ وڌيڪ جوش ۽ خروش آڻڻ جو واعدو ڪري ٿو ۽ ايچ بي ايل پي ايس ايل ٽيم شوقينن کي بي مثال تجربا فراهم ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.