ملتان(اسپورٽس نيوز) ملتان ۾ پي ايس ايل 10 جي ٻن ڏينهن واري ميچن جي شيڊول ۾ تبديلي جو امڪان آهي. ذريعن موجب، ملتان ۾ ڏينهن جي وقت جا ميچ رات جو منعقد ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. رات جو ميچ منعقد ٿيڻ جي ڪري تاريخون تبديل ٿي سگهن ٿيون. ملتان سلطانز ۽ ڪراچي جي وچ ۾ هڪ ڏينهن جو ميچ پهرين مئي تي شيڊول آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مئي واري ميچ کي هاڻي 6 مئي تي ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ملتان سلطانز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي وچ ۾ 2 مئي تي ملتان ۾ ميچ شيڊول آهي.