اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) اسلام آباد يونائيٽڊ جي اوپنر ڪولن منرو ۽ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان تي پي ايس ايل جي ضابطه اخلاق ليول 2 جي ڀڃڪڙي تي ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو آهي. اربع تي ملتان سلطانز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ کيڏيل ميچ جي ٻي اننگز ۾ اوپنر ڪولن منرو ملتان سلطانز جي افتخار احمد کي غيرقانوني بالنگ ڪرڻ جو اشارو ڏنو.افتخار ڪولن منرو جي اشاري تي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ اسڪوائر ليگ جي امپائر ڪرس براؤن وٽ شڪايت ڪرڻ ويو. ان دوران ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان ۽ ڪولن منرو ۾ به تلخ کلامي ٿي. ڪولن منرو تي پي سي بي پاران لڳايل خلاف ورزي ۾ افتخار احمد خلاف سندس الزام شامل نه هئا. افتخار جي بالنگ ايڪشن تي ڪنهن به امپائر رپورٽ نه ڪئي. بهرحال اهو پهريون ڀيرو ناهي ته ڪنهن پاڪستاني بالر تي مخالف بيٽسمين طرفان سڌي ريت غير قانوني بالنگ ايڪشن جو الزام لڳايو ويو هجي.