لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي وچ ۾ ميچ هوا ۽ برسات سبب رد ڪيو ويو. پاڪستان سپر ليگ سيزن 10 جي 21 هين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز لاهور قلندرز خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پر، خراب موسم جي ڪري ميچ کي رد ڪيو ويو. ٽاس کان پوءِ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سعود شڪيل چيو ته بالنگ يونٽ گذريل ٽن ميچن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي، ۽ کيس اميد آهي ته هن ميچ ۾ به سٺي بالنگ ٿيندي. لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان ٽاس کٽي ها ته پهريان بيٽنگ ڪريون ها. 170 کان 180 رنسون دفاع لاءِ هڪ سٺو هدف هوندو. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو محمد عامر بخار ۾ مبتلا هجڻ سبب ميچ ٽيم جو حصو نه هو. ٽيم جي ترجمان چيو ته ابھرندڙ فاسٽ بالر محمد ذيشان کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. گذريل ميچ ۾، ڪراچي ڪنگز ملتان سلطانز کي 87 رنسن تان شڪست ڏئي پلي آف مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.