راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) فرنچائز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سعود شڪيل چيو آهي ته هو گذريل سال کان نون شاٽس تي ڪم ڪري رهيو آهي. راولپنڊي ۾ پي ايس ايل 10 جي ٻئي ميچ ۾ پشاور زلمي خلاف فتح کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾، سعود شڪيل چيو ته جديد دور جي ڪرڪيٽ کي نظر ۾ رکندي نوان شاٽ سکڻ ضروري آهي. هن چيو ته هو گذريل سال کان نون شاٽس تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کانسواءِ هر سطح تي ڪپتاني ڪئي آهي. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته گذريل پي ايس ايل ايڊيشن ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي انجريز کي منهن ڏيڻو پيو، هن ڀيري مان رانديگرن کي فٽ رکڻ جي ڪوشش ڪندس. سعود شڪيل اهو به چيو ته جيڪڏهن بابر اعظم وڪيٽ تي بيهي ٿو ته ٻي ٽيم لاءِ ڏکيائي ٿيندي آهي. محمد عامر هڪ تجربيڪار بالر آهي، کيس ڪنهن به وضاحت جي ضرورت ناهي. هن چيو ته خواجا نافي ٽاپ آرڊر ۾ کيڏندو آهي ۽ مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ کيڏندو. ياد رهي ته پشاور زلمي خلاف ميچ ۾ سعود شڪيل 42 بالن تي 59 رنسون ٺاهيون، جنهن دوران هن 2 ڇڪا ۽ 6 چوڪا لڳايا.