لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 10هين ايڊيشن ۾ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پي ايس ايل 10 ۾ نئين ميچ آفيشل ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائيندي. بيان موجب جديد ٽيڪنالاجي سان ميچ ۾ شفافيت ۽ امپائر کي فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پي سي بي جي اعلان موجب نئين ٽيڪنالاجي نو بال، ڊي آر ايس، امپائرز جي لائيو ڪميونيڪيشن ۽ مختلف زاوين کان ريپلي جي سهولت فراهم ڪندي. اعلان موجب پي ايس ايل ۾ ميچ جي اننگ جو وقت به نئين ٽيڪنالاجي سان لائيو ڏٺو ويندو.