لاهور (اسپورٽس نيوز) سي سي پي او لاهور جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل ميچن جي سيڪيورٽي لاءِ 5 هزار کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. لاهور ۾ ٿيندڙ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ميچن لاءِ 5 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽي تي آهن. سي سي پي او لاهور بلال ڪاميانا موجب، ملڪي ۽ پرڏيهي رانديگرن، ٽيم آفيشلز ۽ مداحن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٽرئفڪ جي بي ترتيب وهڪري ۽ پارڪنگ پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.