ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جو پهريون مرحلو پڄاڻي تي پهتو، ٽورنامينٽ جا 30 ميچ دلچسپ مقابلن سان ڀرپور رهيا،گروپ اسٽيج تي ٽورنامينٽ ۾ 6 ٽيمن پلي آف مرحلي جي لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳايا،پي ايس ايل جو پهريون ڪواليفائر اڄ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي وچ ۾ لاهور ۾ کيڏيو ويندو، ٻنهي ٽيمن جيڪا فاتح هوندو اها سڌو فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي،شڪست کائيندڙ ٽيم ايونٽ مان ٻاهر نه نڪرندي ان کي فائنل کيڏڻ جي لاءِ ٻيو موقعو به ملندو، ڪوالفائير هارائيندڙ ٽيم خميس جي ڏينهن ٿيندڙ ايليمنيٽر ون جي فاتح ٽيم سان جمعي جي ڏينهن ڪوالفائير رائونڊ کيڏندي،ياد رهي ته ايليمنيٽر ون ڪراچي ۽ لاهور جي ٽيمن جي وچ ۾ کيڏيو ويندو،