پي ايس ايل 10: افتتاحي ميچ ۾ اسلام يونائيٽيڊ لاهور قلندر کي شڪست ڏئي ڇڏي

0
19
پي ايس ايل 10: افتتاحي ميچ ۾ اسلام يونائيٽيڊ لاهور قلندر کي شڪست ڏئي ڇڏي
پي ايس ايل 10: افتتاحي ميچ ۾ اسلام يونائيٽيڊ لاهور قلندر کي شڪست ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 شروع ٿي چڪو آهي ۽ افتتاحي ميچ ۾، لاهور قلندرز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي فتح لاءِ 140 رنسن جو هدف ڏنو آهي. دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي لاهور قلندرز خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم آخري اوور ۾ 139 رنسن تي ڍير ٿي وئي. اسلام آباد يونائيٽيڊ جي بيٽرن شاندار راند جو مظاهرو ڪندي 139 رنسن جو اسڪور 18 اوورن ۾ پورو ڪري افتتاحي ميچ پنهنجي نالي ورتي، ڪولن منرو شاندار راند پيش ڪندي 59 رنسون ٺاهي نمايان رهيو ۽ سلمان آغا پڻ 41 رنسن سان نمايان رهيو، لاهور قلندرز جي عبدالله شفيق 66 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ 3 ڇڪا ۽ 6 چوڪا لڳايا، جڏهن ته حارث رئوف 10 ۽ محمد نعيم 8 رنسون ٺاهيون. شاهين آفريدي ۽ آصف آفريدي 2-2 رنسون ٺاهيون جڏهن ته سام بلنگز، جهانداد خان ۽ ڊيوڊ ويسا بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويا، ان کان اڳ، دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي لاهور قلندرز خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.  ٽي ڀيرا چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪندي، جڏهن ته لاهور قلندرز ٻه ڀيرا ٽائيٽل کٽيو آهي.