لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن لاءِ پرڏيهي ڪرڪيٽرز جي رجسٽريشن جاري آهي ۽ افغان سپر اسٽار مجيب الرحمان به پاڻ کي رجسٽر ڪرائي ورتو آهي. افغانستان جي اسپنر مجيب الرحمان به پاڪستان سپر ليگ کيڏڻ لاءِ پنهنجي موجودگيءَ جو اعلان ڪندي پليئرز ڊرافٽ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي ورتي. نيوزيلينڊ جو اسپيڊ اسٽار ايڊم ملني به ڊرافٽ لاءِ شامل ٿي ويو، جڏهن ته ڪيوي فاسٽ بالر ٽِم سائوٿي ۽ اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر به ڊرافٽ لاءِ رجسٽرڊ ڪرائي چڪا آهن. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي پليئرز ڊرافٽ تقريب 11 جنوري تي ٿيندي، ميگا ايونٽ جو ڏهون ايڊيشن اپريل کان شروع ٿينندو.