ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جي ميچ ۾ ملتان سلطانز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي وچ ۾ ٻه ڀائر آمهون سامهون ٿيا. ٻنهي ڀائرن کي هڪ ٻئي جي سامهون ڏسي، ڪمينٽيٽر هڪ دلچسپ تبصرو ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته نسيم شاهه بالنگ کان اڳ پنهنجي ڀاءُ عبيد شاهه کي اشارا به ڪيا. ملتان سلطانز جي بيٽنگ لائن اپ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي بالرن جي سامهون گهڻي دير نه هلي سگهي ۽ 203 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پوري ٽيم 155 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ملتان جي 9 وڪيٽون وڃائڻ کان پوءِ، عبيد شاهه وڪيٽ تي آيو ۽ سندس ڀاءُ نسيم شاهه بالنگ ڪري رهيو هو. افتخار احمد جي هڪ رن وٺڻ کان پوءِ عبيد شاهه پنهنجي ڀاءُ جي بالنگ جو مقابلو ڪيو. عبيد شاهه نسيم شاهه جي صرف ٻن بالن جو مقابلو ڪيو، پر هو آئوٽ ٿيڻ کان بچي ويو. عبيد شاهه 18 هين اوور جي پنجين بال ڪئي، جيڪا سندس پيٽ تي لڳي، پر نسيم شاهه ايندڙ بال ڪئي، جيڪا عبيد شاهه دفاعي طور تي کيڏي. آخري بال ڪرڻ کان اڳ نسيم شاهه پنهنجي ڀاءُ عبيد شاهه کي به اشارو ڪيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.