اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) اسلام آباد يونائيٽيڊ جو آسٽريلوي آل رائونڊر ميٿيو شارٽ پي ايس ايل 10 مان ٻاهر ٿي ويو آهي. اسلام آباد يونائيٽيڊ موجب، ميٿيو شارٽ زخمي ٿيڻ سبب آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي مان هٿ کڻي ويو. اسلام آباد يونائيٽيڊ جو چوڻ آهي ته پاڪستان پهچڻ کان پوءِ ميٿيو شارٽ جي زخم مان بحالي شاندار هئي، پر هن کي ٻيهر سور محسوس ٿيو، جنهن جي ڪري ايونٽ مان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي طبي عملي گڏيل طور تي ميٿيو شارٽ جي واپسي جو فيصلو ڪيو. فرنچائز جو چوڻ آهي ته ميٿيو شارٽ آسٽريليا واپس وڃي رهيو آهي ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي نگراني ۾ بحالي مان گذرندو. اسلام آباد يونائيٽيڊ ميٿيو شارٽ جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪري ٿو.