ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جي اهم ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ ڪراچي ڪنگز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. اسلام آباد جي دعوت تي پهرين بيٽنگ ڪندي ڪراچي جي ٽيم جي بيٽنگ فلاپ ٿي وئي ۽ ٽيم 20 اوورن ۾ 128 رنسون ٺاهي سگهي. ٽم سيفرٽ 30، ڪپتان وارنر 3، جيمس ونس 4، سعد بيگ 20، خوشدل شاهه 17، عرفان خانن 5 ۽ عامر جمال 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. محمد نبي 7 ۽ عباس آفريدي 24 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. اسلام آباد جي نسيم شاهه، جيسن هولڊر ۽ شاداب خان 2-2 ۽ عماد وسيم هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ يونائيٽڊ  جي ٽيم 17.1 اوورن ۾ شاداب جي 47، اعظم خان جي 31 ۽ فرحان جي 30 رنسن جي مدد سان اسڪور پورو ڪيو. شاداب خان مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.