لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ 10 لاءِ پرڏيهي رانديگر پاڪستان ايندا رهندا آهن.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جا شان ايبٽ، ڪائل جيميسن، عاقل حسين ۽ فن ايلن پاڪستان پهچي ويا آهن.ان کان علاوه، ڪراچي ڪنگز جو ڪپتان ڊيوڊ وارنر پڻ ڪراچي پهچي ويو آهي ۽ ٽيم هوٽل ۾ اسڪواڊ سان شامل ٿيو آهي.ٻئي طرف، 4 پي ايس ايل فرنچائزز اڄ اسلام آباد ۾ پريڪٽس سيشن ڪنديون. پشاور زلمي ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز 1:30 وڳي پريڪٽس سيشن ڪندا.اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ لاهور قلندرز شام 6:30 وڳي پنهنجو پريڪٽس سيشن شروع ڪندا.