راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ملتان سلطانز کي شڪست ڏئي ڇڏي. اسلام آباد يونائٽيڊ جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ملتان سلطانز جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنز ٺاهيون. شان مسعود 75 ۽ محمد رضوان 33 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، ٽم ڊيوڊ 27 بالن تي 5 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 60 رنز جي جارحاڻي اننگ کيڏي. اسلام آباد يونائٽيڊ طرفان شاداب خان ۽ محمد وسيم 2-2 وڪيٽون ورتيون. اسلام آباد يونائيٽيڊ 19.5 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪيو. فهيم اشرف 52 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. شاداب خان 44، ڪولن منرو 40 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. انور علي 3، احسان الله ۽ اسامه مير 2-2 وڪيٽون ورتيون.