لاهور (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي بالنگ ڪوچ شان ٽيٽ چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ ذريعي نوجوان ٽيلينٽ سامهون ايندو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شان ٽيٽ چيو ته اسان کي ڪوئيٽا خلاف ميچ کٽڻ گهرجي ها، ميچ هارائڻ تي مايوسي ٿي. هن چيو ته مان ڪنڊيشن جو ماهر ناهيان، ٿي سگهي ٿو ته موسم جي صورتحال سبب لو اسڪورنگ ميچون ٿي رهيون هجن. سندس چوڻ هو ته پي ايس ايل جي خوبي اها آهي ته نوجوان ٽيلينٽ سامهون ايندو آهي، فواد علي سٺو بالر آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ايس ايل جي 15هين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڪراچي ڪنگز کي 5 رنسن تان شڪست ڏني هئي.