راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي ٻئي ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز هڪ طرفي مقابلي ۾ پشاور زلمي کي 80 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. راولپنڊي جي پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي بيٽسمينن بابر اعظم جي فيصلي کي غلط ثابت ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 216 رنسون ٺاهيون. گليڊيئيٽرز جي ڪپتان سعود شڪيل 59 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، فن ايلن 53 ۽ حسن نواز 41 رنسن تي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته رائلي روسو 21 رنسن ۽ ڪوسل مينڊس 35 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا. پشاور زلمي طرفان علي رضا، الزاري جوزف ۽ سفيان مقيم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. هدف جي تعاقب ۾، پشاور زلمي جي ٽيم سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي ۽ پوري ٽيم 16 هين اوور ۾ 136 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. صائم ايوب 50 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. حسين طلعت 35 رنز، مچل اوون 31 رنز ۽ محمد حارث 13 رنز ٺاهيون، جڏهن ته ٻيو ڪو به رانديگر ٻٽي انگ ۾ به نه پهچي سگهيو. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ابرار احمد 4، عثمان طارق ۽ محمد عامر ٻه ٻه، جڏهن ته ڪائل جيميسن هڪ وڪيٽ ورتي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي ايس ايل جي افتتاحي ميچ ۾ دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز کي آساني سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.