راولپنڊي (اسپورٽس ڊيسڪ) ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي 27 هين ميچ ۾، ڪراچي ڪنگز پشاور زلمي کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي پلي آف لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڪراچي ڪنگز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 237 رنسون ٺاهيون. ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر 86 ۽ جيمس ونس 72 رنز ٺاهيون. خوشدل شاهه 43 ۽ محمد نبي 26 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا. پشاور زلمي پاران لُوڪ ووڊ ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته علي رضا ۽ عارف يعقوب هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. 238 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پشاور زلمي جي ٽيم 5 وڪيٽن جي نقصان تي 214 رنسون ٺاهي سگهي. پشاور زلمي لاءِ بابر اعظم ۽ صائم ايوب ترتيب وار 94 ۽ 47 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا پر پنهنجي ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيا. ڪراچي ڪنگز فتح کان پوءِ پلي آف لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز اڳ ئي پلي آف لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪي آهي. اسلام آباد يونائيٽيڊ جا 9 ميچن کان پوءِ 10 پوائنٽس آهن، جڏهن ته لاهور قلندرز جا 9 ميچن کان پوءِ 9 پوائنٽس آهن ۽ ملتان سلطانز ايونٽ مان ٻاهر ٿي چڪي آهي.