لاهور(م ڊ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 9 ايڊيشن جو ميلو مچي ويو، پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ آساني سان دفاعي چيمپين کي هارائي ڇڏيو، لاهور قلندر پهرين کيڏندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 195 رنسون ٺاهيون، وين ڊرسن 71، صاحبزاده فرحان57  عبدالله شفيق 28 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا. تيمل ملز 2، نسيم شاهه ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾  جڏهن اسلام اباد يونائيٽيڊ جي ٽيم بيٽنگ لاءِ آئي ته سندن 2 وڪيٽون تڪڙيون ئي ڪري پيون، جنهن کانپوءِ ڪپتان شاداب خان ۽ آغا سلمان آخر تائين ڄمي ويا، شاداب 74 ۽ آغا سلمان 64 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا. اهڙي ريت اسلام آباد يونائيٽيڊ پهرين ميچ 19هين اوور ۾ ۾  8 وڪيٽن تان کٽي ورتي، ڪپتان شاداب کي شاندار ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.