لاهور (اسپورٽس نيوز)لاهور قلندرز پي ايس ايل 10 جي پلي آف مرحلي لاءِ بنگلاديشي آل رائونڊر مهدي حسن ميراز کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) کيس شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪيو آهي ۽ سندس اڱاري تي لاهور پهچڻ جو امڪان آهي. پي ايس ايل جا پلي آف ميچ اربع تي شروع ٿيندا، جڏهن ته لاهور قلندرز خميس تي ايليمينيٽر ميچ ۾ هڪ نامعلوم مخالف سان مقابلو ڪندا. ميڊيا سان ڳالهائيندي مهدي حسن مراز چيو ته هو لاهور قلندرز جو حصو بڻجڻ لاءِ پرجوش آهي، جيتوڻيڪ سندس رهڻ صرف هڪ ميچ تائين محدود ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پي ايس ايل هڪ اعليٰ معيار جي ليگ آهي ۽ مان اڳ ۾ بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، تنهن ڪري مون کي يقين آهي ته مان هتي به سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندس. مهدي چيو ته هو بنگلاديش جي ٽي 20 ٽيم ۾ ٻيهر جڳهه حاصل ڪرڻ لاءِ هن موقعي کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هو هن وقت نه ته گڏيل عرب امارات خلاف جاري سيريز جو حصو آهي ۽ نه ئي کيس پاڪستان خلاف ايندڙ پنجن ميچن جي ٽي 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مهدي لاهور قلندرز ۾ پنهنجي تجربيڪار ساٿي شڪيب الحسن سان گڏ ٽيم جو حصو هوندو. شڪيب تازو ئي هڪ ميچ ۾ پشاور زلمي خلاف پنهنجو پهريون ميچ کيڏيو، پر هو پهرين بال تي ئي ڊڪ تي آئوٽ ٿي ويو ۽ ٻن اوورن ۾ 18 رنسون ڏيڻ کان پوءِ ڪا به وڪيٽ نه وٺي سگهيو.