لاهور (اسپورٽس نيوز) ايچ بي ايل پاڪستان سپر ليگ ايڪس جي ميچ آفيشلز جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ايونٽ ۾ 13 امپائر ۽ 7 ميچ ريفري فرض سرانجام ڏيندا.احسن رضا، پال رفيل ۽ ڪمار ڌرماسنا جيڪي آءِ سي سي جي ايليٽ پينل جو حصو آهن، ايچ بي ايل پي ايس ايل ۾ امپائرنگ جا فرض سرانجام ڏيندا، جيڪو 11 اپريل کان 18 مئي تائين جاري رهندو، انهن کان علاوه ايلڪس واف ۽ ڪرس برائون به امپائرز پينل جو حصو هوندا. پاڪستان طرفان عليم ڊار، آصف يعقوب، فيصل خان آفريدي ۽ راشد رياض وقار به فرض سرانجام ڏيندا. اهي سڀئي پي سي بي جي انٽرنيشنل امپائرز جو حصو آهن.ايچ بي ايل پي ايس ايل جي هن ايڊيشن ۾ پي سي بي جي ايلٽ پينل آف امپائرز عبدالمڪت، ناصر حسين، طارق رشيد ۽ ذوالفقار جان پڻ ڪم ڪندا. واضح رهي ته عليم ڊار آخري ڀيرو ايچ بي ايل پي ايس ايل ۾ امپائرنگ جا فرض سرانجام ڏيندو.ٻئي طرف ميچ ريفريز ۾ آءِ سي سي ايلٽ پينل آف ميچ ريفري رنجن مدوگالي پنهنجي ساٿي سريلنڪن روشن مهاناما سان گڏ ميچن جي نگراني ڪندو. ٻين ميچ ريفريز ۾ علي نقوي ۽ محمد جاويد ملڪ شامل آهن. ٽورنامينٽ ۾ افتخار احمد، اقبال شيخ ۽ نديم ارشد به آفيشلز هوندا.