لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپرليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جي پلي آف ميچز مان ڊي آر ايس سميت اهم ٽيڪنالاجيز کي ختم ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پي ايس ايل جي اهم ميچز تي مشتمل آخري مرحلو ڊي آر ايس، پليئر ٽريڪنگ يا اسپيڊ گن کان بنا اڳتي وڌندو. پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ وڌڻ جي ڪري براڊ ڪاسٽرز ۾ شامل هاڪ آءِ جو عملو ميچز ري شيڊول ٿيڻ بعد پاڪستان واپس ناهي آيو، جنهن جي ڪري اهم ميچز دوران ٽيڪ ٽولز دستياب نه هوندا. ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ کان پوءِ ٻيهر پاڪستان سپر ليگ ۽ ڀارت ۾ انڊين پريميئر ليگ جون باقي چار ميچز کيڏيون پيون وڃن پر رانديگرن کان سواءِ براڊ ڪاسٽنگ جو عملو به ٻنهي ملڪن ۾ سڪيورٽي خدشن جي ڪري وڃڻ کان نٽائي رهيو آهي. ياد رهي ته ڀارتي اڳرائيءَ جي ڪري پاڪستان سپر ليگ جو ٽورنامينٽ هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو ويوهو.