اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي نائين سيزن لاءِ ٽڪيٽون سڀاڻي کان آن لائن وڪرو ڪيون وينديون. پي سي بي موجب تماشائي پي سي بي جي ويب سائٽ تي وڃي آن لائن ٽڪيٽ بڪ ڪرائي سگهن ٿا جڏهن ته ڪوريئر ڪمپني جي مختلف برانچن ۾ ٽڪيٽون 12 فيبروري کان وڪرو ڪيون وينديون. پي ايس ايل جي ميچن لاءِ جنرل انڪلوزر جي ٽڪيٽ جي قيمت 750 رپيا، فرسٽ ڪلاس انڪلوزر جي ٽڪيٽ جي قيمت 1500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. پريميئم انڪلوزر  جي ٽڪيٽ جي قيمت 2500 ۽ وي آءِ پي انڪلوزر جي ٽڪيٽ جي قيمت 5000 رپيا رکي وئي آهي. پي ايس ايل جي شروعات 9 کان 17 فيبروري کان ٿي رهي آهي. افتتاحي تقريب ايليمنيٽر ميچ ۽ فائنل ميچ جي ٽڪيٽن جي قيمت وڌيڪ هوندي. افتتاحي تقريب جي ڏينهن ٽڪيٽ جي قيمت هڪ هزار، ٻه هزار، ٽي هزار، ڇهه هزار مقرر ڪئي وئي آهي، فائنل جي ٽڪيٽن جي قيمت هڪ هزار، اڍائي هزار، چار هزار ۽ 8 هزار رپيا رکي وئي آهي. اليمنيٽر جي ميچن جي ٽڪيٽن جي قيمت 750، 1500، 3000 ۽ 5 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. پي ايس ايل 9 جو فائنل 18 مارچ تي ڪراچي ۾ ٿيندو.