لاهور(اسپوررٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر ڪوربن بوش تي هڪ سال لاءِ پي ايس ايل کيڏڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ پي سي بي جو چوڻ آهي ته ڪوربن بوش معاهدي باوجود پي ايس ايل نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٻي ليگ کي ترجيح ڏني، جيڪا معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان معاهدي جي ڀڃڪڙي تي ڪوربن بوش تي مالي ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو آهي، پر ان جي رقم ظاهر ناهي ڪئي وئي. ٻئي پاسي ڏکڻ آفريڪي آل رائونڊر ڪوربن بوش پنهنجي غلطي تسليم ڪندي پاڪستان مداحن کي معافي گهري ورتي آهي.