ملتان(اسپورٽس نيوز) ملتان سلطانز جي رانديگر ياسر خان جو چوڻ آهي ته هن هتي پهچڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي ۽ موقعي جي انتظار ۾ هو. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو ڪپتان هر رانديگر کي مثبت انداز ۾ سمجهائيندو آهي. رضوان به بيٽنگ ۾ هر بال تي مدد ڪئي ۽ تمام گهڻي وضاحت ڪئي. ياسر خان جو چوڻ آهي ته شاهين شاهه آفريدي جي بال اندر اچي ٿي، تنهن ڪري هو سٺو پرفارم ڪرڻ جي منصوبابندي ڪندي آيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ملتان سلطانز لاهور قلندرز کي 33 رنسن تان شڪست ڏني هئي. گهر جي حالتن جو پورو فائدو وٺندي، سلطانز مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 228 رنسون ٺاهيون. اوپنر ياسر خان 44 بالن تي 87 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان 32، عثمان خان 39 ۽ ايشٽن ٽرنر 15 رنسون ٺاهيون.