ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن سڪس جون ملتوي ٿيل ميچز ٻيهر ڪرائڻ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ برطانوي ڪمپني سان محفوظ بائيو سيڪيور ببل لاءِ معاملا طئه ٿي ويا آهن. ذريعن موجب پي ايس ايل جي باقي ميچز لاءِ برطانوي ڪمپني جي خدمت ورتي وئي آهي، جيڪا ڪامياب تجربي کانپوءِ ايندڙ هوم سيريز لاءِ انتظام ڪندي. ذريعن موجب پي سي بي جو چوڻ آهي ته ڪورونا پروٽوڪولز تي عملدرآمد جي ذميواري ڪمپني جي هوندي. پي ايس ايل جون رهيل ميچز پهرين کان 20 جون تائين ڪراچي ۾ ٿينديون. واضح رهي ته ڪورونا ڪيس ۽ بائيو سيڪيورببل جي ڀڃڪڙي سبب پي ايس ايل جون ميچز ملتوي ڪيون ويون.