راولپنڊي(م ڊ) اسلام آباد يونائيٽڊ پي ايس ايل جي ستين ۽ پنهنجي لاڳيتي ٽين ميچ کٽي ورتي، ملتان کي 37 رنسن تان شڪست ملي وئي. اسلام آباد جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي صاحبزاده فرحان جي 53، ڪولن منرو جي 48، حيدرعلي جي 33 ۽ جيسن هولڊر جي 32 رنسن جي مدد سان 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي 202 رنسون ٺاهيون. ملتان جي جورڊن 2، ڊيوڊ ولي، اساما مير، محمد حسنين ۽ عبيد شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ملتان جي ٽيم 18.4 اوورن ۾ 155 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. رضوان 38، افتخار 32، عثمان خان 31 کانسواءِ ڪو رانديگر نه ڄمي سگهيو. هولڊر 4، عماد وسيم 2، نسيم شاهه، رلي مرڊٿ، شاداب خان ۽ محمد شهزاد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. هولڊر مين آف دي ميچ رهيو.