ڪراچي (م ڊ) پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) جو مالي بحران سنگين ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ خانگي ٽي وي چينل موجب پي ايس او جو مالي بحران سنگين ٿي ويو آهي. ذريعن موجب پي ايس او جي مختلف سيڪٽرن تي مجموعي رهتون 718 ارب ٿي ويا. ذريعن موجب درامدي آر ايل اين جي جو بل سڀ کان وڏو چيلينج بڻيل آهي. پي ايس او جو درامدي ايل اين جي جو بل 506 ارب کان ٽپي ويو آهي. ان کان سواءِ سوئي نادردن 506 ارب رپين جي ايل اين جي جي مد ۾ ادا ڪرڻا آهن. پي ايس او جي پاور سيڪٽر تي رهتون 186 ارب کان ٽپي ويون آهن.  جڏهن ته پي آءِ اي پي ايس ايو کي 28 ارب 75 رڪوڙ رپيا ادا ڪرڻا آهن. ذريعن موجب رپئي جي قيمت ۾ گھٽتائي جي اثرن سبب 88 ارب 84 ڪروڙ رپيا رهتون حڪومت تي آهن. هڪ مهيني ۾ پي ايس او کي رهتن مان صرف 10 ارب رپين جي ادائگيي ٿي.