پي آءِ جي جي ٻيهر نجڪاري جون تياريون: خرچ گهٽائڻ لاءِ رائيٽ سائزنگ جاري رکبي:ناڻي وزير

0
17
پي آءِ جي جي ٻيهر نجڪاري جون تياريون: خرچ گهٽائڻ لاءِ رائيٽ سائزنگ جاري رکبي:ناڻي وزير
پي آءِ جي جي ٻيهر نجڪاري جون تياريون: خرچ گهٽائڻ لاءِ رائيٽ سائزنگ جاري رکبي:ناڻي وزير

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته شهباز حڪومت جي پاليسين سبب قومي معيشت صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي، اها استحڪام ڏانهن وڌي رهي آهي. ڪالهه هتي پاڪستان بينڪنگ سمٽ 2025ع کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي ڪنٽرول ڪرڻ، پرڏيهه ناڻي جي آمد ۾ اضافو، ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي واضح اشارا آهن ته قومي معيشت صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي. هن گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري ماليات جي غلط استعمال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تدريسي ۽ ڍانچي سڌارن تي زور ڏنو. هن بدعنواني تي ضابطو آڻڻ ۽ آمدني وڌائڻ لاءِ ادارن جي ڊجيٽلائيزيشن تي پڻ زور ڏيندي چيو ته ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن جا مثبت نتيجا نڪتا آهن. هن چيو ته بينڪنگ سيڪٽر قومي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو،  ٽيڪس ادائگي جي لحاظ کان هن تيل ۽ گئس جي شعبن کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. اسان کي 30 ارب گڏ ڪري ڏنا آهن هن برآمدات تي ٻڌل ترقي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو ته هر شعبي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن يقين ڏياريو ته ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي ، هن بينڪنگ شعبي تي زور ڏنو ته اهي زراعت، ڊيري، لائيو اسٽاڪ وارين ايس ايم ايز کي سهولت فراهم ڪن، هن  چيو ته نجڪاري ۽ مالياتي انتظام جي بهتري ضروري آهن، هلندڙ سال قومي ايئر لائين پي آءِ اي کي خانگائڻ لاءِ ٻيهر آندو ويندو، هن چيو ته ايف بي آر جو ڪم ٽيڪس جمع ڪرڻ ۽ ٽيڪس پاليسي ٺاهڻ ناڻي واري وزارت جو ڪم آهي، هن چيو ته صوبائي اسيمبلين مان زرعي ٽيڪس بابت بلن جي منظوري اهم اڳڀرائي آهي، ايندڙ بجيٽ جي تياري جي سلسلي ۾ مشاورتي عمل جاري آهي. محمد اورنگزيب چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ رائيٽ سائزنگ پاليسي تي عمل جاري آهي، هن چيو ته سرحدن تي سيڪيورٽي سخت هجڻ ڪري پهريون ڀيرو کنڊ افغانستان اسمگل نه پر برآمد ٿي.