اسلام آباد(م ڊ) سي ڊي ڊبليو پي 71 ارب 80 ڪروڙ رپين جي ماليت جي ستن ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني آهي. رٿابندي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته 60 ارب جا ٻه ميگا منصوبا ايڪنڪ کي موڪليا ويا آهن. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته سي ڊي ڊبليو پي جو اجلاس ڊاڪٽر جهانزيب جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٽيڪنيڪي سگهه ۾ اضافي لاءِ 31 ڪروڙ 67 لک رپين جي ماليت جا منصوبا منظور ڪيا ويا، اين ٽي ڊي سي پاور نيٽ ورڪ مانيٽرنگ سسٽم لڳائڻ جي پائلٽ پراجيڪٽ لاءِ هڪ ارب 35 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي، ٻوڏ متاثر علائقن جي بحاليءَ لاءِ هڪ ارب 60 ڪروڙ رپين جي ماليات جا منصوبا به منظور ڪيا ويا، جڏهن ته پشاور نادرن باءِ پاس منصوبي لاءِ 27 ارب رپين جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اقتصاي رابطا ڪاميٽي پي آءِ اي لاءِ 8 ارب رپيا منظور ڪري ورتا آهن. ان ڏس ۾ ذريعن موجب پي آءِ اي کي 8 ارب رپين جا فنڊ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ناڻي واري نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پي آءِ اي کي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ضروري خرچن جي پورائي لاءِ فنڊز جي فراهمي جي منظوري ڏني وئي. پي آءِ اي کي سي اي اي سان ٻه طرفن معاهدن تي عمل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي