لاهور (م ڊ) پي آءِ اي کان پوءِ ريلوي ۾ به بحران ٿي ويو آهي. ريلوي ملازمن جي احتجاج سبب 5 ٽرينن جي اچ وڃ ۾ دير ٿي وئي. پاڪستان ريلوي جي ترجمان موجب پگھارون نه ملڻ خلاف لاهور ۾ ملازمن جو احتجاج جاري آهي، جنهن ڪري پنج مسافر ٽرينن جي ڪراچي اچ وڃ سخت متاثر ٿي. ترجمان موجب لاهور کان ڪراچي اچڻ ۾ دير سبب 28 آڪٽوبر تي ڪراچي کان هلندڙ ڪجهه ٽرينون دير سان روانيون ٿينديون. ان ڏس ۾ علامه اقبال ايڪسپريس منجھند سوا 2 وڳي بدران هاڻي رات ساڍي ڏهين وڳي رواني ٿيڻي هئي. قراقرم ايڪسپريس ٽپهري جو ٽي بجي بدران رات ساڍي نائين وڳي رواني ٿيڻي هئي. اهڙي طرح پاڪ بزنس ايڪسپريس، تيز گام ايسڪپريس، سکر ايڪسپريس ۽ ٻيون ريل گاڏيون به متاثر ٿيون ۽ ڪيترائي ڪلاڪ دير جو شڪار رهيون.