پي آءِ اي نجڪاري نه ٿيڻ جو ايف بي آر ذميوار قرار: ٻيهر ٻوليون طلب ڪرڻ جو فيصلو

0
14
پي آءِ اي نجڪاري نه ٿيڻ جو ايف بي آر ذميوار قرار: ٻيهر ٻوليون طلب ڪرڻ جو فيصلو
پي آءِ اي نجڪاري نه ٿيڻ جو ايف بي آر ذميوار قرار: ٻيهر ٻوليون طلب ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نجڪاري جي وفاقي وزير  پي آءِ اي خانگائڻ لاءِ ٻيهر واڪ گهرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نجڪاري بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس دوران ايف بي آر تي تنقيد ڪئي وئي، نجڪاري جي وفاقي وزير پي آءِ اي جي نجڪاري نه ٿي سگهڻ جو ذميوار ايف بي آر کي قرار ڏنو.  عليم خان چيو آهي ته پي آءِ اي خانگائڻ لاءِ ڪم هلي رهيو آهي، اڄ به چئون ٿا پي آءِ اي نفعو ڏيندڙ ادارو بڻجي سگهي ٿو، اداري وٽ وڏي نفعي وارا روٽ موجود آهن، ايف بي آر کي نوَن جهازن جي خريداري تي جي ايس ٽي هٽائڻ لاءِ چيو هو، ايف بي آر وارا پنهنجي هڪ دائري ۾ آهن، اهي ڳالهه نه سمجهندا آهن. وفاقي وزير چيو ته جڏهن اسان پي آءِ اي لاءِ ٻوليون گهريون ته دلچسپي رکندڙ پارٽيون آيون، پرائيويٽائيزيشن جو عمل شروع ٿي ويو ته ان کان پوئتي نٿو هٽي سگهجي، نجڪاري نه ڪئي وئي ته ان جو وزن به مون تي پوندو. اجلاس ۾ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته ٻيهر ٻولين تي وڃڻ هڪ مختصر عمل هوندو.