اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر فاروق ستار جي صدارت هيٺ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. سيڪريٽري نجڪاري ڪميشن عثمان باجوه پي آءِ اي نجڪاري بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري نه ٿي سگهي پر 43 لک ڊالر خرچ ڪيا ويا، پاڪستاني رپين ۾ تقريبن 1.2 ارب رپيا ادا ڪيا ويا، هن وقت تائين 63 سيڪڙو مالياتي صلاحڪارن کي ادائگي ٿي وئي آهي، مالياتي صلاحڪار کي مجموعي طور 69 لک ڊالر ادا ڪرڻا آهن. ٻئي مرحلي جي نجڪاري جي عمل لاءِ مالياتي صلاحڪار کي پگهار نه ڏني ويندي. باقي رقم نجڪاري جو عمل مڪمل ٿيڻ تي ادا ڪئي ويندي. هن چيو ته اڳوڻي ٻولي قابل قبول نه هئي، پي آءِ اي هولڊ ڪمپني 26 ملڪيتن جي مالڪ آهي، اسلام آباد ۾ بليو ايريا ۾ پلاٽ جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو. بليو ايريا ۾ پلاٽ جي قيمت 10 کان 12 ارب رپيا لڳائي وئي آهي، پي آءِ اي جون 7 ملڪيتون ٻاهر آهن. اسڪائپ هوٽل پئرس ۽ روزويلٽ هوٽل ڪمرشل پراپرٽيز آهن، اهي ٻئي هوٽل پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني جي ملڪيت آهن، روزويلٽ هوٽل جو موجوده معاهدو مئي ۾ ختم ٿي ويندو، ٽن مهينن جو نوٽيس ڏنو ويندو جنهن کانپوءِ هي ڪليئر ٿي ويندو. جڏهن ته نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. ايندڙ اجلاس ۾ حڪومت کان يوٽيلٽي اسٽورز کي هلائڻ جو پلان طلب ڪيو ويو آهي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي آفيسرن پاران بريفنگ ڏني وئي ته حڪومت پاران سبسڊي بند ڪرڻ سان ادارو خساري ۾ ويو. ڪمپني هر سال 1.5 ارب منافعو ۽ 25 ارب ٽيڪس ادا ڪري رهي هئي. 12 هزار ملازم هئا، يوٽيلٽي اسٽورز کي سبسڊي ماڊل مان تبديل ڪري سگهجي ٿو ته جيئن ڪمرشل بنيادن تي هلايو وڃي، 4هزار يوٽيلٽي اسٽورز  85 ارب رپيا ٽيڪس قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو، ملڪ ۾ 4 لک پرچون فروش رڳو 114 ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪن ٿا.