اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ باني تحريڪ انصاف جي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ متعلق درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪر ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني آئيني بينچ 2 ڊسمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. رجسٽرار آفيس ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. سپريم ڪورٽ ۾ آڊيو ليڪ ڪيس به ٻڌڻي لاءِ آئيني بينچ بينچ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جي ٻڌڻي پڻ جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ  ۾ ڇهه رڪني بينچ ٻه ڊسمبر تي ڪندو. رجسٽرار پاران باني تحريڪ انصاف ۽ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سپريم ڪورٽ آئيني بينچ پي آءِ اي نجڪاري متعلق ڪيس جي ٻڌڻي 5 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جنهن لاءِ رجسٽرار آفيس ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.