ڪراچي (م ڊ) پي آءِ اي جو مالي بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي، ڪيتريون ئي اڏامون معطل ۽ 15 جهاز گرائونڊ ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. ذريعن موجب اندرين ملڪ ۽ پرڏيهه ويندڙ 30 کان وڌيڪ اڏامون معطل ٿيڻ جو خدشو آهي، رقم نه ملڻ تي 15 جھاز به گرائونڊ ٿي ويندا. ذريعن موجب پي آءِ اي کي قرض، وياج، ڏرزن جي ادائيگين ۾ مشڪلاتون درپيش آهن ۽ فوري طور تي 20 ارب رپين کان وڌيڪ جون ادائيگيون ڪرڻيون آهن جن ۾ فيول، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ ليز تي جھازن جون ادائيگيون شامل آهن. هوڏانهن پي آءِ اي ترجمان موجب حڪومت جي سهڪار سان بينڪن کان قرض حاصل ڪرڻ جا قدم کڻي ورتا آهن ۽ فنڊ جاري ٿيندي ئي جھازن جي پرزن، انجڻ ۽ وياج جي ادائيگي ڪئي ويندي. پي آءِ اي پنهنجي بلند ترين روينيو ڪمائي رهيو آهي، پر اها سموري آمدني بينڪن جي قرض ۽ ليزنگ ڪمپنين کي ادائيگي ۾ خرچ ٿي رهي آهي.