اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم پي اي آءِ جون پئرس لاءِ اڏامون شروع ڪرڻ بابت اشتهار جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي وائرل اشتهار جو سينيٽ ۾ به ذڪر ٿيو، پي آءِ اي جي نجڪاري بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته ٻڌايو وڃي پي آءِ اي خانگائڻ جو منصوبو ختم ٿي ويو يا اڳتي وڌي رهيو آهي، پي آءِ اي جي پئرس واپسي بابت اشتهار تي دُنيا کِلي رهي آهي، اهو اشتهار ڪنهن ڏنو آهي؟ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ايفل ٽاور ڀرسان پي آءِ اي اُڏام سان گڏ لکيل “وِي آر ڪَمِنگ” جو غلط تاثر ويو، وزيراعظم شهباز شريف وائرل اشتهار جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پي آءِ اي کي خانگايو ويندو، سٺو آهي ته پاڪستان جو ڪارپوريٽ سيڪٽر اُن کي خريد ڪري، پي آءِ اي خانگائڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي.