اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي آءِ جي نجڪاري آءِ ايم ايف کي ڏنل تاريخ تائين نه ٿي سگهڻ جو امڪان، نجڪاري بابت صلاڪار محمد علي چيو آھي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ هاڻي ماضي جون غلطيون نه ورجائيندا سين. تفصيل موجب ڪالھ سينيٽ جي نجڪاري بابت ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي چيئرمين افنان الله خان جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ نجڪاري وزارت جي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي چيو ته نجڪاري جي ترجيحي لسٽ ۾ 24 ادارا شامل آھن سروس هوٽل جي نجڪاري جنوري 2025 ۾ ڪئي وئي جڏهن ته هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس جي نجڪاري جنوري 2024 ۾ ٿي آھي پي آءِ اي جي 16 هزار ملازمن جي پينشن حڪومت جي ذميواري هوندي. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. پي آءِ اي مٿان 620 ارب رپين جي قرض جي رقم جو بندوبست ٿي چڪو آھي، ڪمرشل بينڪن جي واجب ادا رقم 268 ارب هولڊنگ ڪمپني کي منتقل ٿي چڪي آھي، هاڻي رڳو آپريشنل رهتون پي آءِ اي جي ذمي باقي وڃي رهيون آھن. نجڪاري وزارت جي اختيارين ڪميٽي کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته 84 ڪمرشل ادارن مان 44 ادارن جي مستقبل جو فيصلو ڪابينه ڪميٽي ڪندي اسٽريجڪ ۽ ضروري نوعيت جي ادارن کانسواء تمام ادارن جي نجڪاري ٿيندي نجڪاري جي صلاحڪار محمد علي چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جولاءِ ۾ نه ٿي سگهندي پي آءِ اي جي نجڪاري لڳ ڀڳ ڊسمبر تائين ٿيندي، نجڪاري لاءِ ايڪسپريشن آف انٽريسٽ هلندڙ مهيني جاري ٿيندو، واڪ ڏيندڙن کي پي آءِ اي اثاثن جي پڙتال جو جولاءِ ۾ موقعو ملندو. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ اڳ واڪ ڏيندڙ ڪمپنيون به شامل هونديون، ماضي جون غلطيون نه ورجايون وينديون