اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پي آءِ اي جي امڪاني نجڪاري تي ملازمن جي احتجاج کان بچڻ لاءِ لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب وفاقي حڪومت پي آءِ اي جي امڪاني نجڪاري تي احتجاج کان بچڻ لاءِ منصوبو جوڙي ورتو آهي. ذريعن مطابق وفاقي حڪومت پي آءِ اي ۾ لازمي سروس ايڪٽ نافذ ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي ڪابينا سرڪيولشن جي ذريعي پي آءِ اي ۾ لازمي سروس ايڪٽ نافذ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. حڪومتي ذريعن مطابق پي آءِ اي ۾ احتجاج ۽ هڙتال تي پابندي هوندي، پي آءِ اي يونين جي سرگرمين تي به پابندي عائد هوندي، حڪومت پاران پي آءِ اي يونين ۽ ملازمن جي امڪاني احتجاج کان بچڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته لازمي سروس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.