اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ تفصيلي پلان اقتصادي رابطا ڪاميٽي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم چيو آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن جو ٻين شهرن سان فضائي رابطو وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، اڏامن جا وقت مسافرن جي سهولت موجب رکيا وڃن. وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (رٽائرڊ) فرحت حسين، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم کي پي آءِ اي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي کي هڪ ڀيرو ٻيهر بهترين ادارو بڻائڻ لاءِ پي آءِ اي مئنيجمينٽ ۽ هوابازي ڊويزن ڏينهن رات ڪم ڪري. پي آءِ اي جي ري اسٽرڪچرنگ جي حوالي سان تفصيلي پلان جلد کان جلد اقتصادي رابطا ڪاميٽي ۾ پيش ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي ايڪٽ 2016ع ۾ تازي ترميم سان پي آءِ اي جي ري اسٽرڪچرنگ جي راهه هموار ٿي آهي.