لاهور(م ڊ) واپارين ۽ صنعتڪارن جي سڀ کان وڏي تنظيم فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ايف پي سي سي آءِ پي آءِ اي خريد ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير گوهر اعجاز چيو ته 1.1 ٽرلين رپيا هر سال آءِ پي پيز کي ڏنا وڃن ٿا 35 رپين جي بجلي ۾ 12 رپيا ڪيپسٽي پيمنٽ آهي، انهن بجلي گهرن 14 سال پاڪستان جو رت چوسيو آهي معيشت ٺيڪ هلي پئي پر ڪجهه پاليسيون ٺيڪ نه آهن. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل جاري رکڻ گهرجي ايس آءِ ايف سي پنجن ئي واڪ ڏيندڙن کي گهرائي ۽ سندن اعتراض ٻڌي ڪو پي آءِ اي خريد نه ٿو ڪري ته ايف پي سي سي آءِ خريدڻ لاءِ ڪنسورشيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ٿي. صنعتڪار ايس ايم تنوير چيو ته گذريل سال زراعت ۾ گروٿ 6.6 سيڪڙو هئي اڄ اها تنزلي جو شڪار آهي رڳو 70 ڪروڙ لاءِ ملڪ جي ٽاپ 50 ايڪسپورٽرن تي ڇاپا هنيا ويا انڊسٽري بند ٿي رهي آهي جيڪا هلي پئي ان کي تنگ نه ڪيو وڃي. ٻين صنعتڪارن چيو ته توانائي جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري صنعتون بند ۽ سرمايو ٻاهر منتقل ٿي رهيو آهي حڪومت هوش ڪري.