ڪراچي (م ڊ) پاڪستان قومي ايئرلائن پي آءِ اي جو فلائٽ آپريشن معطل رهڻ بعد جزوي طور بحال ٿي ويو، گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پي ايس او پاران تيل فراهم نه ڪرڻ سبب اڏامون متاثر ٿيون، ترجمان موجب انتظاميا جي ڪوششن سان فلائٽ آپريشن جزوي طور بحال ٿيو آهي، ڪراچي، اسلام آباد، لاهور ۽ ملتان کان جدي لاءِ اڏامون روانيون ٿي ويون، اسلام آباد کان هڪ اڏام رياض لاءِ به رواني ڪئي وئي، ترجمان موجب تيل جي فراهمي نه ٿيڻ ۽ مالي بحران سبب آپريشن معطل هو. پي آءِ اي ۾ مالي بحران برقرار آهي، ان دوران پي ايس او تيل جي فراهمي به بند ڪئي، سڄي ملڪ جي ايئرپورٽس کان پي آءِ اي جون 25 اڏامون ملتوي ٿي ويون. جن ۾ ڪراچي کان اسلام آباد، ڪوئيٽا، بهاولپور، لاهور، گوادر ۽ ملتان جون اڏامون شامل هيون، لاهور، اسلام آباد، ڪوئيٽا، سيالڪوٽ، ملتان ۽ پشاور ايئرپورٽس تان به پي آءِ اي جون اڏامون ملتوي ڪيون ويون، ڪراچي کان مختلف ايئرپورٽس جون 16 اڏامون ملتوي ڪيون ويون، جڏهن ته لاهور کان ڪراچي جون 2 اڏامون ملتوي ڪيون ويون.