ملتان(م ڊ) پريونشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ(پيڪا) جي تحت ڪارروائين ۾ تيزي اچي وئي ، ساهيوال ۽ ملتان ۽ 2 ڪيس داخل ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. رپورٽ موجب ساهيوال ۾ عسڪري ادارن جي خلاف سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪندڙ جوابدار افتخار جي خلاف نور شاهه ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر محمد افضال جي مدعيت ۾ پيڪا قانون جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ، داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب جوابدار افتخار مختلف ڏينهن دوران آرمي چيف ۽ عسڪري ادارن جي خلاف سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون هيون، نور شاهه ٿاڻي جي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ملتان ۾ نامعلوم نوجوان ٽريفڪ وارڊن کي تشدد جو نشانو بڻايو. واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، پوليس 3 جوابدارن جي خلاف پيڪا ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪري 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس ترجمان موجب واقعي جو پيڪا ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، 3 جوابدارن اهلڪار تي تشدد ڪيو جڏهن ته چوٿين وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. سي پي او ملتان موجب سرڪاري اهلڪارن تي تشدد ۽ سوشل ميڊيا تي غيرقانوني مواد شيئر ڪندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ٽريفڪ وارڊن کي 5 ڏينهن اڳ تشدد جو نشانو بنايو ويو هو.