ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس ۽ سوسائٽي آف ڪورٽ رپورٽرز پاران پيڪا ايڪٽ خلاف داخل درخواستن تي قانون ۽ اطلاعات وارين وزارتن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پيڪا ظالماڻي قانون سان گڏ اظهار جي آزادي تي حملو آهي، انهي قانون تحت صحافين کي پنهجنن خبرن جا ذريعا ٻڌائڻا پوندا، پٽيشنر موجب پيڪا تحت قائم ڪيل ٽربيونلز جا چيئرمين ۽ ميمبر انتظاميه جي ڪنٽرول ۾ هوندا.