عمرڪوٽ(رپورٽر) صحافت جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ هڪ تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ شهر جي صحافين دانشورن وڪيلن سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کان پوءِ صحافين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو جنهن ۾ پيڪا ايڪٽ سميت اظهارِ راءِ جي آزادي تي لڳايل پابندين خلاف آواز بلند ڪيو ويو، تقريب ۽ احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي غلام محمد ڪنڀر، رسول بخش رحيمداڻي، حاجي گل حسن آريسر، ايڊووڪيٽ گل منير ولھاري، الياس ٿري ۽ ٻين  چيو ته صحافت کي دٻائڻ لاءِ ماضي ۾ به هٿڪنڊا استعمال ڪيا ويا ۽ اڄ به پيڪا ايڪٽ جهڙن قانونن ذريعي اهو سلسلو جاري آهي، هنن چيو ته جنرل ضياءَ ۽ مشرف جي دور ۾ صحافين تي ڪوڙا ڪيس گرفتارين جو سلسلو جاري رھيو اڄ ٻيهر صحافت تي حملو ڪيو پيو وڃي جيڪو ھرگز قبول نه ڪبو، ان موقعي تي عمران شاهه امين ميمڻ اسلم مهر ولي محمد مهر هرچند ساگر غلام مصطفيٰ مهر سجاد علي شيخ ڪانجي مل رکيسَر وقاص يوسفزئي، مدن گوپال سورج ڪمار مالهي سوائي مل رکيسر ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.