اسلام آباد (م ڊ) پ پ سان ڳالهين ۾ شامل نواز ليگ جي سينيئر اڳواڻ رانا ثناءَ الله چيو آهي ته پيپلز پارٽي اسان سان گڏ آهي، پريشاني جي ڪا به ضرورت ناهي،  پ پ وفد سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، انهن ته اسان آڏو ڪي به خدشا نه رکيا هئا،  سڀني لاءِ اسان کي عزت ۽ احترام آهي، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عيد کانپوءِ وزيراعليٰ مريم نواز سان پ پ جو وفد ملاقات ڪندو، جنهن کانپوءِ اميد آهي ته معاملا حل ٿي ويندا، هن وڌيڪ چيو ته برابري جي بنيادن تي ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا، ملاقاتن وارو سلسلو جاري رهڻ گهرجي، ان ۾ اختلاف به ٿي سگهن ٿا، پر مون کي پڪ آهي ته پ پ سان معاملا نبري ويندا.